گڏيل قومون -03 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن غزه ۾ جاري اسرائيلي نسل ڪشي جون ڪارروائيون والاريل اولهندي ڪناري تائين پکڙجڻ بابت خبردار ڪندي چيو آه??، ته اسرائيل جي نسل پرستي غزه ۽ اولهندي ڪناري کي نشانو بڻايو آه??. پرڏيهي خابرو اداري مطابق فلسط??ني علائقن ۾ گڏيل قوم?? جي خاص نمائندي فرانسسڪا البانيز هڪ بيان ۾ چيو آه??، ته اسرائيل طرفان نسل ڪشي جون ڪارروائيون غزه کان اڳتي وڌي والاريل فلسط??ني علائق?? جي سمورن حصن تائين پکڙجي سگهن ٿيون. هن چيو ته اسرائيل کي هڪ ڊگهي عرصي کان ڏنل ڇوٽ والاريل علائقن ۾ فلسط??ني شهرين کي ختم ڪرڻ جي اجازت برابر آه??. هن چيو ته فلسطينين کي انهن طاقت?? جي رحم و ڪرم تي ڇڏيو ويو آه?? ته جيڪي کين هڪ قومي گروهه طور ختم ڪرڻ چاهين ٿيون. هن عالمي برادري کان م??البو ڪيو ته اها اسرائيل طرفان فلسطيني?? جي نسل ڪشي کي فوري طور روڪڻ لاءِ پنهنجي طاقت ذريعي هر ممڪن ڪوشش ڪري. هن فلسط??ني علائقن م??ن اسرائيلي قبضي جي خاتمي ۽ آبادڪارن طرفان فلسطيني?? جي زمينن تي قبضي کي روڪڻ جو مطالبو ڪيو. واضح رهي ته 7 آڪٽوبر کان پوءِ اولهندي ڪناري ۾ اسرائيل طرفان پرتشدد ڪارروائين ۾ اضافو ٿي رهيو آه??، جتي اٽڪل 4 لک 90 هزار اسرائيلي آبادڪار 30 لک فلسطينين وچ ۾ رهن ٿا.
اسرائيل جُون نسل ڪشي واريون ڪارروائيون والاريل فلسطيني علائقن جي سمورن حصن تائين پکڙجي سگهن ٿيون: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا