بير??ت _23 سيپٽمبر (اي پي پي ) لبنان جي ??زي????عظ?? چيو آهي ته هو اسرائيل سان جنگ کي روڪڻ ۽ ڇڪتاڻ کان بچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ سمورن محاذن تي جنگبندي جي حمايت ڪريون ٿا. پرڏيهي ميڊيا مطابق لبنان جي ??زي????عظ?? نجيب ميقاتي گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران چيو ته سندس حڪومت لبنان جي ڌرتي تي رياستي اختيار کي وڌائڻ چاهي ٿي. هن غزه ۽ ڳاڙهي سمنڊ جو حوالو ڏيندي چيو ته هو سمورن محاذن تي جنگ بندي جي حمايت ڪري ٿو. هن زور ان ڳالهه تي زور ڀريو ته لبنان هڪ وسيع علائقائي جنگ جي خدشن واري تڪرار جو پرامن سفارتي حل ڳولي رهيو آهي. هن ان اميد ظاهر ڪئي ته معاملا وڌيڪ خراب نه ٿيندا. هن چيو ته پيجر ڌماڪن سبب زخمي ٿيل 1600 ??ان وڌيڪ ماڻهو اڃان به اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. ٻئي پاسي اسرائيل جي فوج جي چيف آف اسٽاف هرزي هيليوي هڪ پريس ڪانفرنس ۾ حزب الله تي وڌيڪ حملا ڪرڻ جو اعلان ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته فوج وٽ اهڙيون صلاحيتون آهن جيڪي اڃان تائين استعمال ناهن ڪيون ويون. هن واضح ڪيو ته اسرائيل جي فوج هر قسم جي حملي ۽ دفاع جي ايندڙ مرحلي لاءِ ڀرپور نموني تيار آهي.
سمورن محاذن تي جنگ بندي جي حمايت ڪريُون ٿا: لبنان جو وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais