دبئي -17 اپريل (اي پي پي) گڏيل عر?? امارتن جي رياست دبئي م برساتن سبب ڪيترن ئي سرڪاري ۽ تعليمي ادارن ۾ (ڪالهه) 17 اپريل تي پڻ سموريو?? سرگرميون آن لائي?? سرانجام ڏنيون ويون. اماراتي وزيرن واري ڪائونسل جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي، ته سمور?? سرڪاري ادارن جي ملازمن گهرن مان ڊيوٽي انجام ڏنيون، موسمي حالتن سبب آفيسن ??ي بند رکيو ويندو. دبئي ۾ شديد برساتن سبب ايئرپورٽ تي اڏامن جي اچ وڃ پڻ متاثر رهي، گذريل ڏينهن 24 اڏامون ملتوي ڪيون ويون. سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل ويڊيوز ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته دبئي ايئرپورٽ جو رن وي پاڻي ۾ ٻڏل آهي، طوفاني برساتن کا?? پوءِ دبئي ايئرپورٽ کي 25 منٽن لاءِ بند ڪرڻو پيو جنهن سبب ڪيتريون ئي اڏامون ملتوي ٿي ويون. ايئرپورٽ اٿارٽي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته موسمي حالتن سبب ايئرپورٽ جي رستن ۾ ٻوڏ واري صورتحال جي نتيجي ۾ اڏامن جي اچ وڃ متاثر رهي. مسافرن کي گهرجي ته اهي پنهنجي اڏام جي حوالي سان معلومات حاصل ڪرڻ کا?? پوءِ ئي ايئرپورٽ اچن. موسميات کاتي دبئي جي مختلف علائقن ۾ برساتن جو سلسلو جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
دبئي ايئرپورٽ جو رن وي پاڻي ۾ ٻڏي ويو، ڪيتريون ئي اڏامون متاثر، آفيسون بند
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔