والاريل بيت المقدس-08 ڊسمبر (اي پي پي) فلسطين آرٽيڪل 99 جي حوالي سان گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جي قدم?? جي آجيان ڪندي ان کي غزه جنگ جي خاتمي لاءِ ضروري قرار ڏئي ڇڏيو. العربيه اردو موجب فلسطيني پرڏيهي وزارت گڏيل قوم?? جي خلاف اسرائيل طرفان ڪيل سياسي دهشتگردي جي مذمت ڪئي ۽ سلامتي ڪائونسل سان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. واضح رهي ته گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل باضابطه طور تي 15 رڪني سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو ته هو غزه ۾ انساني تباهي کي روڪڻ لاءِ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪري. 2017ع ۾ گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل جي طور تي عهدو ??نڀالڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو گڏيل قوم?? جي چارٽر جي آرٽيڪل 99 سان رابطو ڪيو آهي، هي آرٽيڪل گڏيل قوم?? جي اڳواڻ کي ڪنهن به اهڙي مسئلي کي سلامتي ڪائونسل ۾ موڪلڻ جي اجازت ڏي ٿو جنهن سان ا?? جي خيال ۾ عالمي امن ۽ سلامتي کي خطرو هجي. ٻئ?? پاسي يورپي يوني?? جي پرڏيه?? پاليسي جي اهلڪار جوزپ بوريل به ان معاملي تي گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل جي حمايت ڪئي آهي.
غزه ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي قدمن جي آجيان ڪريون ٿا: فلسطيني پرڏيهي وزارت
مضمون کا ماخذ : میگا فارچیون