انقره -21 فيبروري (اي پي پي) ترڪيھ ۽ شام جي سرحدي علائقا هڪ ڀيرو ٻيهر شديد زلزلي جي لوڏن سبب ڌڏي ويا، انطاڪيه ۾ 6.4 زلزلي سبب 3 ماڻهو فو?? جڏهن ته مجموعي طور تي 680 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ۽ ڪيتريون ئي عمارتون ڊهي پٽ پئجي ويون. فو?? ٿيلن ۾ وڌيڪ واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق زلزلي جو مرڪز ترڪ صوبي هاتائي جي آسپاس هو. جڏهن ته زلزلي جا لوڏا اردن، مصر ۽ شام ۾ پڻ محسوس ڪيا ويا. زلزلي سبب ترڪيه ۾ 213 جڏهن ته شام ۾ 470 جي ويجهو ماڻهو زخمي ٿي پيا. ترڪيھ گهرو معاملن واري وزير سلمان سويلو چيو آ??ي ته زلزلي سبب فو?? ٿي ويل ماڻهو انطاڪيه ۽ ويجهن علائقن سان تعلق رکن ٿا. جڏهن ته ماڻهن کي خطرناڪ عمارتن ۾ داخل نه ٿيڻ جي تاڪيد ڪئي وئي آهي. اکين ڏٺن شاهدن مطابق انطاڪيھ ۾ عمارتن کي وڌيڪ نقصان پهتو آ??ي. جڏهن ته ڏکڻ ترڪيھ هاتائي جي ميئر جو چوڻ آهي ته ماڻهن تباهه ٿيل عمارتن جي ملبي هيٺان ڦاٿل آهن. ترڪيھ جي ڊزاسٽر اينڊ ايمرجنسي ايجنسي چيو آ??ي ته زلزلي کان پوءِ ڪيترائي آفٽر شاڪس پڻ محسوس ڪيا ويا. ٻئي طرف شام جي تنظيم آبزرويٽري فار هيومن رائيٽس جو چوڻ آهي ته هاڻوڪي زلزلي کان پوءِ 32 آفٽر شاڪس رڪارڊ ڪيا ويا آهن جن ۾ سڀ کان وڌن جهٽڪن جي شدت 5.8 هئي جڏهن ته 470 زخمين کي اسپتال آندو ويو آ??ي. واضح رهي ته ترڪيھ جي هن علائقي ۾ 6 فيبروري تي 7.8 جي شدت جو زلزلو آ??و هو جنهن جي نتي??ي ۾ ترڪيھ ۽ شام ۾ 47000 کان وڌيڪ ماڻهو فو?? ٿيا هئا.
ترڪيھ ۽ شام ۾ ٻيهر 6.4 شدت جو زلزلو، 3 ڄڻا فوت، 680 کان وڌيڪ زخمي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ