اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي ته انفارم??شن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي سڌارن ۽ ڊيجيٽائيز??شن جي لاءِ حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي، اسان جو ويزن آهي ته هر شخص وٽ سمارٽ فون، هر گهر ۾ براڊ بينڊ انٽرنيٽ ۽ هر ڪاروبار ۾ ڪيو ??ر ڪوڊ جي سهولت هجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار جي ايس ايم ايسوسيئ??شن ايشيا پيسفڪ جي سربراهه جولئين گورمين جي قيادت ۾ جي ايس ايم جي چار رڪني وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزي??اع??م سان ملاقات ڪئي. وزي??اع??م وفد سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ٽيلي ڪميونيڪشن ۽ انفارم??شن ٽيڪنالاجي جي واڌويجهه جي حوالي سان اسلام آباد ۾ ڊيجيٽل نيشنل سمٽ منعقد ڪرڻ انتهائي خوش آئنده آهي. هن چ??و ته ڊيجيٽائيز??شن جي حوالي سان قدمن ۾ جي ايس ايم اي جو انتهائي بنيادي ۽ اهم ڪردار آهي، انفارم??شن ٽيڪنالاجي شعبي جي سڌارن ۽ ڊيجيٽائيز??شن جي لاءِ حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي. هن چ??و ته عام ماڻهو جي انٽرنيٽ تائين بهتر پهچ، ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر جي بهتري، اي – گورننس، نوجوانن ۾ ڊيجيٽل اسڪلز جي پيشيواراڻي تربيت ۽ جدت ۽ ان شعبي ۾ ڪاروبار جي فروغ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. وزي??اع??م چيو ته آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام جي شعبن جي ترقي جي حوالي سان وفاقي حڪومت هن مالي سال ۾ تاريخي ترقياتي بجيٽ رکي آهي، ملڪي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چ??و ته اسان جو ويزن آهي ته هر شخص وٽ سمارٽ فون، هر گهر ۾ براڊ بينڊ انٽرنيٽ ۽ هر ڪاروبار ۾ ڪيو ??ر ڪوڊ جي سهولت هجي. وفد وزي??اع??م کي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ٽيلي ڪام سروسز جي فروغ جي حوالي سان جي ايس ايم اي جي ڪردار جي حوالي سان آگاهه ڪيو. وفد پاڪستان حڪومت سان انفارم??شن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام جي شعبن ۾ تعاون وڌيڪ وڌائڻ تي دلچسپي جو اظهار پڻ ڪيو. ملاقات ۾ انفارم??شن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه، پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشنز اٿارٽي جو چيئرمين ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان ۽ ٻيا لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.
انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي سڌارن ۽ ڊيجيٽائيزيشن جي لاءِ حڪمت عملي تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اولمپس کے خدا