شينزن – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شينزن ۾ نانشان ون اسٽاپ سروسز سينٽر ۽ شينزن ايگزيبيشن ميوزيم جو دورو ڪيو ۽ موقعي تي ئي وفاقي وزيرن ۽ لاڳاپيل پاڪستاني عملدارن کي اڄ ئي نانشان ون اسٽاپ سروسز سينٽر سان ڳالهيون ڪري پاڪستان ۾ اهڙي جديد نظام جي قيام جي لاءِ حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي ه??ايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب نانشان ون اسٽاپ سروسز سينٽر پهچڻ تي شينزن نانشان ڊسٽرڪٽ پيپلز گورنمينٽ جي پارٽي ليڊرشپ گورنمينٽ جي ميمبر ۽ ڊپٽي ميئر لي زنها وزيراعظم جو استقبال ڪيو. نانشان ون اسٽاپ سروسز جي دوري دوران وزيراعظم کي ڪمپنين جي هڪ ئي ڇت هيٺ رجسٽريشن ۽ ٻي ڪارروائي جي حوالي سان ڊيجيٽل نظام تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم نانشان ون اسٽاپ سروسز ۾ ڪمپني ۽ ڪاروبار جي رجسٽريشن جي لاءِ جديد نظام کي ساراهيو. وزيراعظم انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي ??زير شزه فاطمه خواجه، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي پاڪستان ۾ اهڙو نظام متعارف ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي ??انشان ون اسٽاپ سروسز جي عملدارن سان ڳالهيون ڪرڻ جي ه??ايت ڪئي ۽ هن چيني تعاون سان پاڪستان ۾ فوري طور تي اهڙا سينٽر قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستاني عملدارن کي ضروري قدم کڻڻ جي ه??ايت ڪئي. وزيراعظم پاڪستاني عملدارن کي شهرين کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ اهڙو ئي جديد ۽ تيز تر نظام متعارف ڪرائڻ جي ه??ايت پڻ ڪئي. وزيراعظم شينزن جي ارتقاءَ ۽ ترقي جي حوالي سان قائم شينزن ايگزيبيشن ميوزيم جو دورو پڻ ڪيو. دوري دوران وزيراعظم کي شينزن جي ترقي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم ميوزيم جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ شينزن جي گهٽ مدي ۾ ترقي جي سفر کي ساراهيو.
وزيراعظم پاران شينزن ۾ نانشان ون اسٽاپ سروسز سينٽر ۽ شينزن ايگزيبيشن ميوزيم جو دورو
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن