اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان انٽرنيشنل اسلامي يونيورسٽ?? اسلام آباد جي صدر ڊاڪٽر هذال بن حمود العتيبي ۽ ريڪٽر ڊاڪٽر ثمينه ملڪ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ صدر کي اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ يونيورسٽي جي ڪارڪردگي ۽ خدمتن بابت آگاهه ڪيو ??يو جڏهن ته ان موقعي تي يونيورسٽي جي مجموعي صورتحال ۽ انتظامي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب انٽرنيشنل اسلامي يونيورسٽ?? اسلام آباد جي ريڪٽر ڊاڪٽر ثمينه بريفنگ ۾ ٻڌايو ته يونيورسٽي تحقيق ۽ ترقي، جدت ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي فروغ جي لاءِ اسٽريٽجڪ پلان (2022ع – 2026ع) تيار ڪيو آهي، اسٽريٽجڪ پلان سان يونيورسٽي جي مالي ۽ انتظامي معاملن کي بهتر بڻائڻ ?? مدد ملندي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ??يو ته سعودي عرب يونيورسٽي جي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ اهم معاونت فراهم ڪري رهيو آهي، سعودي عرب يونيورسٽي ۾ نئين بلاڪ جي تعمير ۽ جديد تعليمي سهولتن جي فراهمي ?? مدد فراهم ڪئي آهي. ان موقعي تي صدر ملڪ ۾ اعليٰ تعليم جي فروغ ۾ انٽرنيشنل اسلامي يونيورسٽي جي ڪردار کي ساراهيو. صدر يونيورسٽي جي بهتري لاءِ پنهنجي تعاون جي خاطري پڻ ڪرائي.
صدر آصف علي زرداري سان انٽرنيشنل اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد جي صدر ۽ ريڪٽر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری