اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان بحرين سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل مذهب، ثقافت ۽ تاريخ تي ٻڌل آهن، پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار بحرين ن??شن?? گارڊ جي ڪمانڊر جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان الخليفه سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ بحرين جوپ سفير محمد ابراهيم محمد عبدالقادر پڻ م??جو?? هو. صدر ڪمانڊر بحرين ن??شن?? گارڊ جي آجيان ڪن??ي چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن جن کي گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته سندس پختو يقين آهي ته پاڪستان ۾ هڪ خوشحال ملڪ بڻجڻ جي تمام گهڻي صلاحيت م??جو?? آهي ۽ اهو وڌيڪ مضبوط ٿيندو. ملاقات دوران بحرين جي ن??شن?? گارڊ جي ڪمانڊر صدر کي ٻيون ڀيرو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان سندس قيادت ۾ اڳتي وڌندو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين دفاعي تعاون آهي ۽ پاڪستان جي هٿيا??بن?? فوج جي معاون ڪردار تي ٿورا مڃيا. هن بحرين پاران پاڪستان جي حمايت جاري رکڻ جو پڻ ورجاءُ ڪيو. جنرل شيخ محمد بن عيسيٰ بن سلمان آل خليفه صدر کي بحرين جي دوري جي دعوت ڏني. صدر ن??شن?? گارڊ آف بحرين جي ڪمانڊر جا سندس پاڪستان جي دوري ۽ مبارڪباد پيش ڪرڻ تي ٿورا مڃيا.
پاڪستان بحرين سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : ڈوپلا سینا