اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف چيو آهي ته مهانگي ٿرمل توانائي کي 10 هزار مي??او??ٽ شمسي توانائي ۾ تبديل ڪرڻ جي انقلابي قدم تحت حڪومت بجلي جي پي??او??ر جي لاءِ شمسي توانائي جي انقلابي منصوبن جي شروعات ڪئي آهي جنهن تحت گذريل ڏينهن هڪ لک ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي پروگرام جي شروعات ڪئي وئي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٽيوب ويلز جي سولرا??يز??شن سان آبادگارن کي سستي بجلي ملندي. وزيراعظم چيو ته ان قدم سان زرعي پي??او??ر ۾ اضافي ۽ خوراڪ جي ضرورتن ۾ پاڻڀرائپ حاصل ٿيندي. وزيراعظم چيو ته اسان جي معيشت هائي پاور ٽيرف سان ترقي نه ٿي ڪري سگهي، اسان کي مهانگي ٻارڻ تي هلندڙ پاور پلانٽس کي تبديل ڪرڻو پوندو، مهانگي ٻارڻ سان هلندڙ پاور پلانٽس عوام تي بار ۽ گردشي قرضن ۾ اضافي جو سبب آهن. وزيراعظم چيو ته ٽيوب ويلز جي سولرا??يز??شن منصوبي تي 377 ارب رپيا ??رچ ٿيندا. هن چيو ته سولر، نيوڪليئر ۽ ڪول پاو?? منصوبن کانسواءِ مخلوط حڪومت هائيڊرو پاو?? منصوبن جي ترقي تي پڻ ڌيان ڏنو آهي، اسان ڀائر ملڪ سعودي عرب کي ديامير ڀاشا ڊيم ۾ سيڙپڪاري جي آڇ ڪئي آهي.
مهانگي ٿرمل توانائي کي 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي ۾ تبديل ڪرڻ جي انقلابي قدم تحت حڪومت بجلي جي پيداوار جي لاءِ شمسي توانائي جي انقلابي منصوبن جي شروعات ڪئي آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسلام آباد لاٹری