اسلام آباد – 10 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پائيدار ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ عالمي ترقياتي تعاون کي فر??غ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جا هدف 2030ع حاصل ڪرڻ جي لاءِ حصيدار ملڪن سان تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو (جي ڊي آئي) تي پهرين اعليٰ سطحي فورم کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو. گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو: ”ايڪو دي ڊيولپمينٽ ايجنڊا ۽ ڪال فار گلوبل ايڪشن“ جي موضوع تحت منعقد ان فورم جو انعقاد چائنا انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي (سي آئي ڊي سي اي) ڪيو. تقريب ۾ چيني ڪميونسٽ پارٽي جي پولٽ بيورو جي ميمبر ۽ سي پي سي جي پرڏيهي معاملن واري ڪميشن جي جنرل آفي?? جي ڊائريڪٽر و??نگ يي، اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير چن گينگ ۽ سي آئي ڊي سي اي جي چيئرمين لوزائو هوئي شرڪت ڪئي. ڪيترن ئي ملڪن ۽ عالمي تنظيمن جي ماهرن ۽ ايگزيڪيوٽوز پڻ فورم ۾ شرڪت ڪئي. وزيراعظم سماجي ۽ اقتصادي ترقي، موسمياتي تبديلي جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ انسانيت جي پائيدار ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ترقي جي نئين محرڪات کي استعمال ۾ آڻڻ جي سلسلي ۾ هڪ متفقه عالمي ريسپان?? جي لاءِ عالمي ترقياتي تعاون جي فر??غ تي زور ڏنو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جا هدف 2030ع حاصل ڪرڻ جي لاءِ حصيدار ملڪن سان تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم ٺوس ۽ پائيدار عالمي ترقي جا گڏيل هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ عالمي ترقياتي قدم شروع ڪرڻ تي چين کي ساراهيو. جي ڊ?? آءِ جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط حمايت جو اظهار ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ جي ڊ?? آءِ منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد جي لاءِ چين سان گهڻ رخو تعاون جاري رکيو ويندو.
پائيدار ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ عالمي ترقياتي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : رومن دولت