اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ??اڻهن کي ڪيريئر ڪائونسلنگ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معذوري جي درجابندي جي لاءِ هڪ معياري ۽ مستقل نظام ج??ڙڻ گهرجي جنهن سان خصوصي ??اڻ??ن جي ضرورتن جي نشاندهي کانسواءِ انهن کي مناسب مدد ۽ خدمتن جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن معذوري جي درجابندي ۽ شدت بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت، صحت واري وزارت، خصوصي ??اڻ??ن جي حقن بابت ڪائونسل جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر خصوصي ??اڻهن کي ڪيريئر ڪائونسلنگ فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته خصوصي ??اڻ??ن جي معذوري جي نوعيت ۽ شدت ۽ ان??ن جي هنر موجب مناسب نوڪرين طرف رهنمائي ڪئي وڃي. هن چيو ته خصوصي ??اڻ??ن جي رهنمائي جي لاءِ اعليٰ سطح تي هڪ ڪميٽي ج??ڙڻ جي ضرورت آهي، ڪميٽي ۾ پرائيويٽ سيڪٽر ۽ ٻين ماهرن کي شامل ڪرڻ گهرجي. مجوزه ڪميٽي رهنمائي سان گڏوگڏ خصوصي ??اڻهن کي ان??ن جي صلاحيتن ۽ قابليت موجب نوڪرين بابت پڻ ٻڌائي. صدر معذوري جي درجابندي جي هڪ معياري ۽ مستقل نظام جي ضرورت تي زور ڏن?? ۽ چيو ته معذوري جي درجابندي جي نظام سان خصوصي ??اڻ??ن جي ضرورتن جي نشاندهي کانسواءِ انهن کي مناسب مدد ۽ خدمتن جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي. هن چيو ته معذوري جي درجابندي جو نظام تيار ڪرڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي لاڳاپيل وزارتن ۽ ادارن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ انساني حقن واري وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالستار معذوري جي درجابندي/ معذوري جي شدت جي فريم ورڪ تي بريفنگ ڏن??. هن ٻڌايو ته خصوصي ??اڻ??ن جي حقن کي فروغ ڏيڻ ۽ ان??ن جي تحفظ جي لاءِ ايڪٽ لاڳو ڪيو ويو آهي، ميڊيڪل بورڊ هر مهيني ٻه اجلاس ڪري ٿو، هڪ ڏينهن ۾ اهل ماڻهو کي معذوري سرٽيفڪيٽ جاري ڪري ٿو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته معذوري جي شدت جي بنياد تي معذوري جي حد جو تعين ڪرڻ جي لاءِ هڪ فريم ورڪ جي منظوري ڏن?? وئي آهي، فريم ورڪ کي انساني حقن واري وزارت صحت واري وزارت ۽ خصوصي ??اڻ??ن جي حقن واري ڪائونسل سان گڏجي ڊيزائن ڪيو ويو آهي. منظور ٿيل فريم ورڪ کي رهنمائي جي لاءِ صوبن سان پڻ شيئر ڪيو ويو آهي. صدر انساني حقن واري وزارت ۽ قومي صحت واري وزارت پاران خصوصي ??اڻ??ن جي ڀلائي جي لاءِ ڪيل ڪم کي ساراهيو.
معذوري جي درجابندي جي لاءِ هڪ معياري ۽ مستقل نظام جوڙڻ گهرجي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت