اسلام آ??اد – 05 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين عوامي مفاد جي لاءِ ٻطرفي تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪ??و آهي، وزي??اع??م محمد شهباز شريف چين سان ويجهي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ چين جي بنيادي مفادن جي اڻٿڪ حمايت کي ورجا??و آهي جڏهن ته چيني وزي??اع??م چ??و آهي ته چين سدائين پاڪستان سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل رهندو. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م محمد شهباز شريف ۽ عوامي جمهوريه چين جي رياستي ڪائونسل جي وزي??اع??م لي ڪي چيانگ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٿين??ڙ ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ هر موسم ۾ آزمايل اسٽريٽجڪ حصيداري جي بهترين روايتن کي نظر ۾ رکندي گرمجوشي ۽ دوستي جو اظهار ڪيو ويو. وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيني وزي??اع??م هڪ ٻئي کي نئين سال جي مبارڪ??اد ڏيندي چيو ته 2022ع ۾ ٻطرفا لاڳاپا نئين بلندين تي پهچي ويا هئا. ٻنهي اڳواڻن 2023ع ۾ ٻطرفي تعاون جي مستحڪم رفتار کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. نومبر 2022ع ۾ پنهنجي چين جي دوري ۽ چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزي??اع??م لي ڪي چيانگ سان وڏي پئماني تي ٿين??ڙ ڳالهه ٻولهه جو حوالو ڏيندي وزي??اع??م چيو ته چين سان ويجهن لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان پرعزم آهي ۽ پاڪستان چين جي بنيادي مفادن تي اڻٿڪ حمايت کي ورجائي ٿو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي علائقائي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزي??اع??م پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ تي پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندي چيني وزي??اع??م کي يقين ڏياريو ته پاڪستان چيني سيڙپڪارن جي لاءِ مڪمل طور تي محفوظ ۽ سازگار ڪاروباري ماحول فراهم ڪندو. وزي??اع??م لي ڪي چيانگ وزي??اع??م کي يقين ڏياريو ته چين پاڪستان کي نه رڳو هڪ تزويراتي دوست پر هڪ اهڙي ملڪ طور ڏسي ٿو جنهن جو استحڪام ۽ معاشي ڀلائي خطي ۽ چين جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. چيني وزي??اع??م چيو ته چين سدائين پڪاستان سان يڪجهتي سان گڏ بيٺل رهندو. 9 جنوري تي جنيوا ۾ منعقد ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جو ذڪر ڪندي وزي??اع??م چين جي وزي??اع??م کي پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ جي نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ تازي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ۽ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ چين جي فوري ۽ فراخدلاڻي مدد تي پاڪستان پاران دل سان ٿورا مڃيا. چين جي وزي??اع??م لي ڪي چيانگ وزي??اع??م شهباز شريف کي چين پاران پاڪستان جي نئين سر تعمير جي ڪو??شن ۽ ڪانفرنس جي ڪاميابي جي لاءِ مسلسل حمايت جو يقين ڏياريو. ٻنهي اڳواڻن 2023ع ۽ ان کانپوءِ پاڪستان ۽ چين جي عوام جي گڏيل فائدي جي لاءِ ٻطرفي تعاون جي ايجنڊا کي تيزي سان اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.
پاڪستان ۽ چين جي وزيراعظمن پاران عوامي مفاد جي لاءِ ٻطرفي تعاون کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس