اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ سندس گهرواريءَ ثمينه عارف علوي مقتول صحافي ارشد شريف جي گهر ويا ۽ ان جي گهرڀاتين سان تعزيت جو ??ظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ارشد شريف جي پونئيرن سان تعزيت جو ??ظهار ڪيو. هن ارشد شريف جي خاندان جي ڀاتين سان افسوس جو ??ظهار ۽ مرحوم جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته آزاد صحافت جي لاءِ مرحوم ارشد شريف جون خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن، ارشد شريف تحقيق ۽ ح??يقتن سان بنا ڪنهن ڊپ جي پنهنجي راءِ جو ??ظهار ڪندو هو. صدر مرحوم جي صحافتي خدمتن کي خراج تحسين، پونيئرن سان همدردي جو ??ظهار ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ