اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) 82 هين پاڪستان ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب وفاقي گادي واري شهر جي شڪر پڙيان پريد ۾ منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ هٿياربند فو?? جي گڏيل پريد ۽ مارچ پاسٽ جو شاندار مظاهرو ڪيو ويو. صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي تقريب جو خاص مهمان هو. وزيراعظم عمران خا، دفاع وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو چيئرمين جنرل نديم رضا، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، چيف آ?? ايئر اسٽا?? ايئر مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ چيف آف نيول اسٽاف اي??مرل محمد امجد خان نيازي پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. چين جي اسٽيٽ قونصلر ۽ پرڏيهي وزير وانگ زي، اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن، ڪابينا جي ميمبرن، غيرملڪي سفارتڪارن، اعليٰ سول ۽ فو??ي عملدارن ۽ پاڪستان جي لاءِ نمايان خدمتن تي تعريفي سرٽيفڪيٽ حاصل ڪندڙ اهم شخصيتن کانسواءِ ٻين مهمانن هٿياربند فو?? جي گڏيل پريڊ جو مظاهرو ڪيو. سعودي عرب، ترڪي، ازبڪستان، آذربائيجان ۽ بحرين سميت دوست ملڪن جي دستن پڻ پريڊ ۾ شرڪت ڪئي. هٿياربند فو?? جي دستن صدر، وزيراعظم، دفاع واري وزير، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس کي سلامي ڏني. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي پريڊ ۾ شامل فو??ي دستن جو معائنو پڻ ڪيو. پاڪ فضائيه جي سربراهها يئر چيف مارشل ظهير احمد تازو ئي پاڪ فضائيه جي فضائي ٻيڙي ۾ شامل ٿيندڙ نئين جي – 10 سي جيٽ جهازن سميت پاڪ فضائيه جي ويڙهاڪ جهازن جي مختلف فارميشنز جي فلائي پاسٽ جي قيادت ڪئي. پريڊ ۾ آرمرڊ ڪور، آرٽلري، رينجرز، ايئر ڊفينس، ڪوسٽ گارڊز، آرمڊ فو??سز نرس??گ سروس جي عورت دستن، پاڪ بوائز اسڪائوٽس ۽ گرلز گائيڊز پڻ حصو ورتو.
82 هين پاڪستان ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب وفاقي گادي واري شهر جي شڪر پڙيان پريد ۾ منعقد ڪئي وئي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا