اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمو?? قريشي چيو آهي ته پاڪستان، س??رڪ جي باني ميمبر هجڻ جي ناطي، علائقائي تعاون ۽ رابطن جي فروغ لاءِ س??رڪ جي متحرڪ ۽ فعال ڪردار جو خواهشمند آهي، س??رڪ پليٽ فارم سان، وبائي صورتحال، موسمياتي تب??يلين، غذائي تحفظ جهڙن گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع ۽ موثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرو??ت آهي. اها ڳالهه ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي علائقائي تعاون جي تنظيم س??رڪ جي سيڪريٽري جنرل ايسالا رووان ويراڪون سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير س??رڪ جي سيڪريٽري جنرل سان سيالڪوٽ ۾ سريلنڪن شهري سان پيش آيل افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسان ان افسوسناڪ واقعي جي رونما ٿيڻ کانپوءِ سريلنڪن حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. شاهه محمو?? قريشي چيو ته اسان جي اعليٰ سياسي قيادت، مذهبي اسڪالرز ۽ پاڪستاني قوم ان واقع جي مذمت ڪئي، پرڏيهي وزير س??رڪ جي سيڪريٽري جنرل کي يقين ڏياريو ته حڪومت پاڪستان ان بي رحماڻي واقعي جي ذميدارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائيندي. هن چيو ته پاڪستان، س??رڪ جي باني ميمبر هجڻ جي ناطي، علائقائي تعاون ۽ رابطن جي فروغ لاءِ س??رڪ جي متحرڪ ۽ فعال ڪردار جو گهرجائو آهي، س??رڪ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ واپاري رابطن جي فروغ جا وسيع موقعا موجود آهن جنهن مان فائدو کڻڻ جي ضرو??ت آهي، هن چيو ته پاڪستان، جاگرافيائي اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، پاڪستان، س??رڪ جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ زميني، هوائي ۽ آبي رابطن کي وڌائڻ جي حمايت ڪري ٿو، شاهه محمو?? قريشي چيو ته س??رڪ پليٽ فارم تان، وبائي صورتحال، موسمياتي تب??يلين، غذائي تحفظ جهڙن گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ جامع ۽ موثر حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرو??ت آهي، پرڏيهي وزير س??رڪ تنظيم جي مقصدن جي تڪميل لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو يقين ڏياريو.
پاڪستان سارڪ جي متحرڪ ۽ فعال ڪردار جو خواهشمند آهي: پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil