اسلا?? آباد ??? 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي، اس??ام?? نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ۽ ايوان صدر جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي، ان موقعي تي اس??ام?? نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز خطبو ڏنو. هن پنهنجي خطبي ۾ عبادت سان گڏوگڏ روز مره جي معاملن ۾ بهتري جي اهميت تي روشني وڌي، هن رسول اڪرم ﷺ جي سيرت سان حسن اخلاق، احترام انسانيت ۽ صله رحمي جي رخن کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته پاڻ ﷺ جو ڪردار ۽ شخصيت اسان جي لاءِ رول ماڊل آهي، اسان کي منبر ۽ محراب ۽ ميڊيا جي ذريعي انهن صفتن کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن کي اختيار ڪري اسان جو معاشرو بهتري طرف گامزن ٿي سگهي ٿو. ان موقعي تي ملڪي سلامتي?? ترقي ?? خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ان کان اڳ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو هو ته عوام جي رهنمائي لاءِ ايوان صدر مان هر جمعي تي 15 منٽن لاءِ بهترين مقرر خطبو ڏيندا.
ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔