اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ايس او پيز جون خلاف ورزيون جاري رهيون ته ايندڙ مهيني تائين ڪورونا ڪيسن جو انگ 1.2 ملين تائين پهچي سگهي ٿو. وفاقي وزير اسد عمر اين سي او سي ۾ ا??لا?? جي صدارت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ان خدشي جو اظهار ڪيو ته حڪومت پاران ڪورونا وائرس تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪيو ويو ته جولاءِ ج?? آخ?? تائين ڪورونا وائرس ڪيسن جو انگ 1 ملين کان 1.2 ملين تائين پهچي سگهي ٿو. هن چيو ته جون جي وچ تائين ڪورونا ڪيسن جو انگ ڏيڍ لک تائين پهچي ويو آهي ۽ ماهرن موجب جيڪڏهن ا??ا ئي صورتحال رهي ته جون ج?? آخ?? تائين 3 لک جڏهن ته جولاءِ ج?? آخ?? تائين ڪورونا ڪيسن جو انگ 1 ملين کان 1.2 ملين تائين پهچي ويندو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ ا??لا?? جي صدارت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته يقينن ا??ا ڳالهه پريشان ڪندڙ آهي پر سٺي ڳالهه اها آهي ته اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان ا??تظامي قدمن جي صلاحيت رکون ٿا. هن چيو ته اڳ ۾ ئي ايس او پيز جون خلاف ورزيون ڪندڙن جي خلاف ايڪشن ورتو پيو و??ي جڏهن ته اين سي او سي هاڻي اهڙن ماڻهن جي خلاف سخت ايڪشن جو فيصلو ڪيو آهي.
ايس او پيز جون خلاف ورزيون جاري رهيون ته ايندڙ مهيني تائين ڪورونا ڪيسن جو انگ 1.2 ملين تائين پهچي سگهي ٿو: اسد عمر
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو