اس??ام آباد – 31 مئي (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عبسي قومي اسيمبلي جو مدو پورو ٿيڻ تي سمورين سياسي پارٽين ۽ قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته 2013ع ۾ جيڪي چئلينج درپيش هئا اڄ ان کان صورتحال ڪيترائي درجا بهتر آهي، جول??ءِ ۾ چونڊن جي ذريعي عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته اقتدار ڪ??هن کي سونپڻو آهي، عام چونڊن ۾ هڪ ڏينهن جي به دير برداشت نه ڪنداسين. قومي اسيمبلي جي آخري ۽ الوداعي خطاب ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته اڄ جڏهن هي اسيمبلي پنهنجو مدو پورو ڪري رهي آهي اسپيڪر جو ٿورو ادا ڪريان ٿو جهڙي طر?? هن ايوان کي هلايو، غير جانبداري جا نوان معيار قائم ڪيا، جهڙي طر?? سڀني کي گڏ رکيو.
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا