اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ بارڊر مينيجمينٽ کي بهتر ۽ اندروني سل??متي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سول آرمد فورسز جون 29 نيون ونگون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ سرڪاري عملدارن ۽ اعليٰ عسڪري قيادت شرڪت ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي اندروني سل??متي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. سومر ڏينهن وزيراعظم هائوس پاران جاري ڪيل بيان موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ??ه قومي سل??متي جي صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمدي ڪميٽي جو سربراهه هوندو ج??هن ته گهرو سيڪريٽري، نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي جو ڊائريڪٽر جنرل، صوبائي سيڪريٽريز، انسپيڪٽر جنرلز آف پوليس، گهرو سيڪريٽريز ۽ وزيراعظم آفيس جو ايڊيشنل سيڪريٽري ان جا ميمبر هوندا.
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات