سيئول- 05 نومبر (اي پي پي) اتر ڪوريا گھٽ مفاصلي تائين مار ڪندڙ ڪيترن ئي بيليسٽڪ ميزائلن جو تج??بو ڪيو آھي. پرڏيھي خابرو اداري مطابق ڏکڻ ڪوري?? جي جوائنٽ چيفس آف اسٽاف چيو آھي ته هنن ٻيٽ نما ڪوري?? جي اوڀر ۾ ڪالھه صبح جو اٽڪل 7:30 وڳي ڪيترا ئي گھٽ مفاصلي تائين مار ڪندڙ بيليسٽڪ ميزائلن جي لانچ ڪرڻ جو پتو لڳايو آھي. ڪالھه صبح جو ميزائلن اٽڪل 400 ڪلو ميٽر (248 ميل) تائين اڏا?? ڀري. ڏکڻ ڪوري?? جي فوج چيو ته اسان جاپان ۽ آمريڪا سان معلومات جي مٽا سٽا ڪئي آھي. فوج وڌيڪ ٻڌايو ته اسان جي فوج اضافي لانچز جي تياري جي سلسلي ۾ پنھنجي نگراني کي مضبوط ڪيو آھي. جاپان پڻ اتر ڪوري?? جي تازن ميزائلن جي تجربن جي تصديق ڪئي آهي. جاپان جي حڪومت جي اعليٰ ترجمان چيو آھي ته اتر ڪوريا طرفان بيليسٽڪ ميزائل بار بار فائر ڪرڻ سبب اسان جي ملڪ جو امن ۽ سلامتي خطري جو شڪار آھي. واضح رھي ته اتر ڪوريا گذريل ھفتي ??دي?? ۽ طاقتور مضبوط ٻارڻ وارو بين البراعظمي بيليسٽڪ ميزائل جو تج??بو ڪيو.
اتر ڪوريا پاران گھٽ مفاصلي تائين مار ڪندڙ بيليسٽڪ ميزائلن جو تجربو
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام