باڪو _21 آگسٽ (اي پي پي ) آذربائيجان باضابطه طور تي برڪس جو ميمبر ٿيڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي آ??ي. الجزيره مطابق آذربائيجان جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان آئيحان حاجي زاده چيو آهي ته ??ندس ملڪ برڪس جو ميمبر بڻجڻ لاءِ باضابط درخواست ڏني آ??ي. آذربائيجان ۽ چين وچ ۾ ”اسٽريٽجڪ شراڪتداري جي قيام بابت گڏيل پڌرائي “ قازقستان جي گادي واري شهر آستانه ۾ 03 ۽ 04 جولاءِ تي منعقد شنگهائي سهڪار تنظيم جي مُلڪ?? سربراهن واري اجلاس ۾ منظور ڪئي وئي هئي. پڌرائي ۾ واضع ڪيو ويو آهي ته ??ذربائيجان پاران برڪس ۾ شم??ليت جي خواهش جو اظهار ڪيو ويو ۽ اهو پڻ ٻڌايو ويو ته چين ان درخواست جي آجيان ڪئي آ??ي. روس جي صدر ولاديمير پيوٽن جي 18 ۽ 19 آگسٽ تي آذربائيجان ج?? سرڪاري دوري جي ۾ منظور ڪيل گڏيل پڌرائي ۾ چيو ويو هو ته ??وس برڪس ۾ آذربائيجان جي شرڪت جي حمايت ڪري ٿو. جون 2006ع تي سينٽ پيٽرز برگ انٽر نيشنل اڪنامڪ فورم ۾ برازيل، روس، ڀارت ۽ چين گڏجي برڪس جو بنياد وڌي هو. سال 2010ع ۾ ڏکڻ آفريقا ۽ ان ئي سال مصر، ايٿوپيا جي شرڪت سان هڪ گهڻ قومي تنطيم جوڙي وئي هئي. ايران ۽ گڏيل عرب امارات جي به شم??ليت سان ان کي وڌيڪ هٿي ملي. 40 کان وڌيڪ ملڪن برڪس ۾ شم??ليت لاءِ درخواستون ڏنيون آهن.
آذربائيجان باضابط طور تي برڪس جو ميمبر ٿيڻ جي درخواست ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار