بيروت _ 29 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا سميت نيٽو جي ڪيترن ميمبر ملڪن لبنان ۾ موجود پ??هن??ن شهرين کي چيو آهي ته اسرائيل ۽ حزب ??لله وچ ۾ امڪا??ي طور تي ڀرپور جنگ کي نظر ۾ رکندي فوري طورتي ملڪ ڇڏي ڏين. ڇنڇر تي اسرائيل جي قبضي هيٺ گولان جي جبلن واري شهر مجدان شمس ۾ راڪيٽ حملي ۾ 12 ماڻهن مارجي وڃڻ بعد خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي ويو آهي. اسرائيلي ڊيفنس فورسز دعوى ڪئي آهي ته اهو ايراني ساخت جو ميزائل هو جنهن کي حزب ??لله ڏکڻ لبنان مان فائر ڪيو هو پر حزب ??لله ان حملي ۾ ملوث ٿيڻ کان انڪار ڪيو. بيروت ۾ آمريڪي سفارتخا??ي طرفان جاري ايڊوائزري ۾ آمريڪي شهرين تي زور ڏنو ويو آهي ته هو لبنان جي سفر تي سختي سان نظر ثاني ڪن ڇو جو ملڪ ۾ سيڪيورٽي صورتحال خراب ٿي وئي آهي ۽ تيزي سان تبديل ٿي سگهي ٿي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب