ٽوڪيو – 26 جولاءِ (اي پي پي) جاپان ۾ ٽن وڏي عمر جي ??اڻهن تي ٻڌل چورن جي گروپ گرينڊ پا- گينگ کي گرفتار ڪيو ويو آهي. سائوٿ چائنا پوسٽ مطابق گينگ ۾ شامل 88 سالن جي ??يديوامينو، 70 سالن جي ??يديمي متسودا ۽ 69 سالن جي ڪينچي ويتيبي مبينا طور تي جيل ۾ قيد دوران پنهنجي ڏوهاري سرگرمين لاءِ گروپ ٺاهيو. آز??دي کانپوءِ ٽنهي تي الزام آهي ته هنن چوري لاءِ انهن گهرن کي نشانو بڻايو جيڪي خالي هئا. مئي ۾ مبينا طور تي هوڪائيڊو جي گادي واري شهر اسيپيرو ۾ هڪ خالي گهر ۾ داخل ٿي 200 ين ۽ شراب جون بوتلون چوري ڪيون. ان واقعي کانپوءِ ٽنهي ٻئي مهيني ان ئي علائقي ۾ هڪ ٻئي خالي گهر مان 10 لک ين ماليت جا زيور چوري ڪيا. پوليس جو چوڻ آهي ته گينگ جو سڀني کان وڏو ميمبر امينو چوري ڪندو هو. متسودا گاڏي هلائيندو هو ۽ سڀني کان ننڍو ويتنيبي چوري جي شين جي سار سنڀال ڪندو هو. ڄاڻاي?? مبينا ڏوهن جو پتو ان وقت پيو جڏهن ٻئي گهر جي ??الڪ کي شڪ ٿيو ۽ هن پوليس کي آگاهه ڪيو. پوليس سي سي ٽي وي فوٽيج ڏسي ان گروپ جو پتو لڳايو ۽ اهو معلوم ڪيو ته عورت جي گم ٿيل شين مان ڪجهه کي وڪرو ڪيو ويو آهي. رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جڏهن ٽنهي بزرگن کي گرفتار ڪيو ويو ته کين هلڻ لاءِ پوليس ج?? سهارو وٺڻو پيو. سندن چوڻ آهي ته اهي ڏوهه زندگي گذارڻ لاءِ ڪيا آهن.
جاپان ۾ پوڙهن ماڻهن تي ٻڌل چورن جو گينگ گرفتار
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری کے انعامات