انقره -18 مارچ (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان ??يو آهي ته فلسطيني علائقن ۾ هڪ وڏو انساني الميو اڀري رهيو آهي. ٽي آر ٽي مطابق استنبول ۾ نار ڪانگريس سينٽر ۾ افطار پروگرام کي خطاب ڪندي ترڪيه جي صدر چيو ته رمضان المبارڪ جو مقدس مهينو هڪ تڪليف ڏيندڙ دور مان ??ذري رهيو آهي جڏهن تڪرار، انساني الميه ۽ بحران عروج ??ي آهن. هن ان ??الهه تي زور ڀريو ته جڏهن اسان پنهنجي پيارن، خاندان وارن ?? رشتيدارن سان ??ڏ افطار جون خوشيون ورهائي رهيا آهيون تڏهن غزه ۽ والاريل فلسطيني علائقن ۾ هڪ وڏو انساني الميو آهي جنهن لاءِ لفظ ناڪافي آهن. هن چيو ته انسان??ت لاءِ انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ شرمناڪ ڏينهن جو مشاهدو ڪري رهيا آهيون، جتي گرم کاڌا يا صاف پاڻي جو هڪ گلاس ملڻ به عيش و عشرت کان ??هٽ ناهي. هن چيو ته اسان جي دلين جي مختلف ڪنڊن ۾ اسان جا ڀائر، خاص طور يمن، شام، سوڊان، ترڪستان ۽ افغانستان ۾، هنن مقدس ڏينهن ۾ واقعي سخت امتحانن مان ??ذري رهيا آهن. هن چيو ته اسان ان دور مان ??ذري رهيا آهيون جڏهن مظلومن لاءِ انصاف، امن ۽ يڪجهتي جي ضرورت پهرين کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته رمضان المبارڪ جي آمد سان ئي ترڪ قوم غزه ۽ ٻين مظلوم علائقن لاءِ پنهنجي امداد ۾ اضافو ڪيو آهي.
فلسطيني علائقن ۾ وڏو انساني الميو اڀري رهيو آهي: ترڪيه
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری