کٽمنڊو – 06 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان علائقائي تعاون بابت ڏکڻ ايشيائي تنظيم (سارڪ) کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو ۽ ان جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن تي ڪاربند رهيو آهي، هن اها ڳالهه سارڪ سيڪري??ري?? جي دوري دوران پنهنجي خطاب ۾ چئي ۽ سيڪري??ري?? ۾ ٻوٽو به پوکيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سدائين سارڪ کي خودمختيار برابري جي اصول تي ٻڌل علائقائي تعاون ??اءِ هڪ فعال ذريعو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته سارڪ ميمبر ملڪن جي اقتصاديات کي سگهه ڏيڻ ۽ گڏيل اهميت جي مختلف شعبن ۾ حصيداري کي فروغ ڏيڻ لاءِ تمام گهڻي صلاحيت رکندڙ آهي، هن ان ڳالهه تي ز??ر ڏنو ته تنظيم کي خطي جي معيشت، ثقافت ۽ سماجي ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ گ??جي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری