گهوٽڪي / اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شا??د خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان جو آئين سمورن شهرين کي مذهبي آزادي ڏي ٿو، پاڪستان ۾ سمورن مذهبي اقليتن کي برابري جا حق حاصل آهن، مذهبي آزادين جي خل??ف ورزين جي حوالي سان آمريڪي ??لزام تي حيرانگي ٿي، آمريت ۾ مسئلا دٻايا وڃن ٿا، جمهوريت هلندي رهندي ته سمورا مسئلا حل ٿيندا، مسلم ليگ (ن) جي پليٽ ف??رم تان ڪنهن سان به غيرشائسته رويو ممڪن ئي نه آهي. گهوٽڪي ۾ هندو برادري جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شا??د خاقان عباسي چيو ته اسلام امن جو دين آهي، اڄ جي دنيا هڪ ڏکي دنيا آهي پر دين جو سفر سدائين جاري رهندو. قائداعظم چيو هو ته توهان آزاد آهيو، توهان آزادي سان مسجدن، مندرن ۽ پنهنجي عبادتگاهن ۾ وڃي سگهو ٿا.
مضمون کا ماخذ : علاقائی کلیدی الفاظ