بکر – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) نعرن بدران عوام جي ??دم?? ڪئي آهي، 5 سالا ڪارڪردگي جي بنياد تي عوام جولاءِ 2018ع ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر مسلم ليگ (ن) کي ووٽ ڏيندي، ايندڙ چونڊن ۾ لعنت موڪليندڙن ۽ ??دم?? ڪندڙن جي وچ ۾ مقابلو هوندو ۽ عوام باشعور آهي، اها ??دم?? ڪندڙن کي چونڊيندي. بکر ۾ صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ کانپوءِ وڏي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄ تمام گهڻي خوشي آهي جو توهان جو پراڻو مطالبو پورو ٿي??، مون کي ??وا?? شريف جي خصوصي هدايت هئي ته 20 سالن کان جيڪو واعدو پورو ڪرڻ جو موقعو نه مليو اهو واعدو مڪمل ڪرڻ تي انهن کي مبارڪباد ڏيان، 7 ارب رپين جي لاڳت سان پل جو اهو منصوبو مڪمل ٿيندو ۽ ڪلاڪن جو سفر منٽن ۾ طئي ٿيندو، اها ٻن صوبن کي ڳنڍيندڙ پل آهي، مسلم ليگ (ن) سدائين صوبن کي ڳنڍڻ جي ڳالهه ڪئي، فرق جي نه، ان کان اڳ جون حڪومتون ۽ آمريتون به اها پل نه ٺاهي سگهيون هيون جڏهن ته اهو مسلم ليگ (ن) ۽ ??وا?? شريف جي حصي ۾ آيو ته ملڪ ۾ ترقي جا منصوبا ڏي، ملڪ کي اڳتي وٺي هلي.
مسلم ليگ (ن) نعرن بدران عوام جي خدمت ڪئي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون