سوچي – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم ??اه?? خاقان عباسي جمعي ڏينهن وچ ايشيائي رياست ڪرغزستان جي وزيراعظم ??فرايزاڪوف سان ٻه طرفي ملاقات ڪئي. وزيراعظم ڪرغزستان جي پنهنجي هم منصب کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبرشپ ۾ پاڪستان سان تعاون ڪرڻ تي ڪرغزستان جو ٿورو ادا ڪيو. ڪرغزستان جي وزيراعظم ??نگهائي تعاون تنظيم ۾ پاڪستان جي شموليت جي آجيان ڪئي ۽ ان کي تنظيم جو هڪ قابل قدر اثاثو ق??ار ڏنو. ٻنهي وزيراعظمن شنگهائي تعاون تنظيم جي فريم ورڪ ۽ ٻه طرفي بنيادن تي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي طريقن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ڪاسا 1000 پراجيڪٽ جي سلسلي ۾ سمورن معاهدن تي صحيحن تي اطمينان جو اظهار ڪيو جنهن کانپوءِ هي منصوبو عملدرآمد جي مرحلي ۾ آهي. ڌرين واپار ۽ دفاع سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ظاهر ڪيو.
وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي ڪرغزستان جي وزيراعظم سان ٻه طرفي ملاقات
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ