اسلام آباد – 20 مارچ (اي پي پي) گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته دهشتگردي جا نيٽ ورڪ هاڻي سرحد پار آهن، انهن جي سهولتڪارن ۽ مددگارن خلاف به ڪارروائي ڪئي وئي آهي ۽ هزارين ??اڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي انهن جي خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر سحر ڪامران ۽ ٻين ??يمبرن جي رٿ تي بحث سهيڙيندي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو ته هن ايوان ۾ ڏنل منهنجي گذريل بيان کانپوءِ هن بيان کي ايوان جي ٻاهر نيون نيون معنائون ڏنيون ويون، جنهن ڏينهن مون اهو بيان ڏنو هو بهتر هو انهي ڏينهن وضاحت طلب ڪن ها، آئون سيني?? چيئرمين کي چوان ٿو ته اسان کي حقيقتن ۽ دليلن سان گڏوگڏ سچ ڳالهائڻ گهرجي، ايوان ۾ ج??ڪا ڳالهه ٿئي ان جو ايوان ۾ جواب اچڻ گهرجي، آئون پنهنجي بيان جي وضاحت ڪرڻ چاهيان ٿو ان جي لاءِ پاڻ ايوان ۾ آيو آهيان. منهنجي اڳوڻي بيان جي ڪاپي هن ايوان ۾ ورهائي وڃي جيڪڏهن مون اهو چيو آهي ته دهشتگردن سان نرمي ڪئي وڃي ته آئون جوابده آهيون.
دهشتگردي جا نيٽ ورڪ هاڻي سرحد پار آهن: چوڌري نثار
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores