اسلام آباد – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردن جي مددگارن کي اهو پ??غا?? آهي ته اهڙي طرح جي بزدلاڻي??ن ڪارروايون دهشتگردي جي خلاف اسان جي عزم کي ڪمزور نٿي??ن ڪري سگهن، دشمن ٻاهرين ملڪن جون هدايتون وٺي اولهه سرحدي کان داخل ٿي دهشتگردي ڪندا آهن، ملڪ ۾ گهٽي ۽ پاڙي مان فتوا جاري ڪرڻ جو سلسلو بند ٿيڻ گ??رج??. قومي اسيمبلي ۾ جهل مگسي واقعي تي پاليسي بيان ڏيندي گهرو وزير احسن اقبال ٻڌايو ته واقعو افسوسناڪ آهي سڀ گڏجي ان جي مذمت ڪري??ن ٿا، اسان جنگ جي حالت ۾ آهيون، دهشتگردن خلاف هي جنگ ملڪ ۾ ڊگهي عرصي کان وڙهي پئي وڃي، سيڪيورٽي ادارا ان جي خلاف چوڪس آهن، آپريشن رد الفساد ۽ ضرب عضب ٿيا، ننڍا آپريشن ٿيا، دهشتگرد پرڏيهي ملڪ مان هدايتون وٺي اولهندي سرحدن کان داخل ٿي ٽارگيٽ بڻائيندا آهن، انهن جي اسپانسر کي پ??غا?? آهي ته اهڙي قسم جون بزدلاڻي??ن ڪارروايون اسان جي عزم کي ڪمزور نٿي??ن ڪري سگهن.
دشمن اولهه سرحدي کان داخل ٿي دهشتگردي ڪندا آهن: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔