چيچه وطني – 11 مئي (اي پي پي( وزيراعظم محمد ??واز شريف چيچه وطني کي موٽر وي سان ملائڻ، سوئي گئس جي فراهمي، بهتر تدريسي سهولتن سميت جامع ت??قياتي منصوبن جو اعلان ڪندي چي?? آهي ته پاڪستان ترقي جون منزلون طئي ڪري رهي?? آهي، ڪج??ه سالن ۾ ترقي جي عروج تي هوندو ۽ دنيا ۾ پنهنجو مقام پيدا ڪندو، روز نوان الزام لڳائيندڙ ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙ پاڪستان جي ڪلچر کان واقف ناهن، عوام گندي زبان استعمال ڪندڙن جو ساٿ ڇڏي رهي آهي، اسان پنج سالن کانپوءِ پنهنجو حساب ڏينداسين ۽ مخالفن کي به پنهنجو حساب ڏيڻو پوندو. هن اها ڳالهه 23 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان مال پڙي جي سنگ بنياد جي تقريب جي موقعي تي وڏي عوامي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چئي.
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados