اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) صدر ممنون حسين چيو آهي ته آپريشن ضرب عضب ۾ ڪاميابي سان اڳڀرائ?? ٿي رهي آهي جيڪا آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندي. هن اها ڳالهه ايوان صد?? ۾ ??يبرپختونخواهه جي گورنر ظفر اقبال جهڳڙا سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. صدر چيو ته حڪومت جاري ترقياتي منصوبا مڪمل ڪرڻ ۽ ماڻهن جي معيار زندگي بهتر بڻائڻ جي لاءِ سماجي ۽ ا??تص??دي ضرورتن جي فراهمي سان گڏوگڏ وفاق ج?? انتظام هيٺ قبائلي ع??ائ??ن کي ملڪ جي ٻين ترقي يافته ع??ائ??ن جي برابر آڻڻ جو عزم ڪيو آهي. صدر عارضي طور تي بي گهر ٿيندڙ ماڻهن جي وقت سر واپسي ۽ بحالي جي لاءِ حڪومتي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته نقصان ۾ ويندڙ انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير ڪئي ويندي ۽ خطي ۾ معمول جي زندگي بحال ڪرڻ جي لاءِ ا??تص??دي مراعتون ڏنيون وينديون.
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری