نيويارڪ – 3 جنوري (اي پي پي) گڏيل قومن جي ٻارن ج?? تحفظ واري اداري (يونيسيف) زور ڀريو آهي ته پناهگير ٻارن کي ترجيحي بنيادن ت?? تحظ فراهم ڪيو وڃي . پرڏيهي ميڊيا مطابق يونيسيف ??ذر??ل ڏينهن چيو ته نئين سال جي موقعي تي سسلي جي ٻيٽ لامپاڊوسا ۾ پيش آيل حادثي ۾ زنده بچي ويل ماڻهن ۾ 8 سالن جي ٻارڙي به شامل آهي جنهن جي والده لاپتا ماڻهن ۾ شامل آهي . يونيسيف مطابق ??ذر??ل مهيني لامپاڊوسا ويجهو سمنڊ ۾ ترن??ڙ هڪ 11 سالن جي ڇوڪري کي بچايو ويو هو . جنهن بابت خيال آهي ته اها تيونس جي شهر صفاقس کان رواني ٿيل پناهگير ٻيڙي مان زنده بچي ويل ٻارڙي هئي . ان ٻيڙي ۾ اٽڪل 45 ماڻهو سوار هئا . انٽر نيشنل آ??گنائزيشن آف مائيگريشن جي انگن اکرن مطابق 2024ع ۾ مختلف حادثن ۾ 2275 پناهگير لاپتا ٿيا جنهن بعد 2014 ع کان هن وقت تائين انهن لاپتا ماڻهن جو مجموعي انگ 31180 ٿي ويو آهي . يونيسيف حڪومتن تي زور ڀريو آهي ته اهي پناهگيرن بابت عالمي قانون تحت پن??نجين ذميوارين جو احترام ڪن ۽ خاص طورتي ٻارن ج?? تحفظ کي ترجيح ڏين.
پناهگير ٻارن کي ترجيحي بنيادن تي تحفظ فراهم ڪرڻ گهرجي: يونيسيف
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی