اسلام آباد-18 آڪٽوبر (اي پي پي)غ??ه ۾ 18 لک کان وڌيڪ ماڻهو بک جو شڪار آهن جتي اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ 70 سيڪڙو زرعي زمين تباهه ٿي چڪي آهي.غذائي تحفظ جي درجا بندي واري عالمي اداري (آءِ پي سي) ۽ گڏيل قو??ن جي جائزه رپورٽ موجب غ??ه ۾ 1 لک 33 هزار آبادي غذائي ??دم تحفظ واري صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي. خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته نومبر ۽ ايندڙ سال اپريل وچ ۾ اهو تعداد وڌي ٽي لک 45 هزار تائين پهچي ويندو. واضع رهي ته غزه پٽي ۾ اڳ ئي ڏڪار جو خطرو موجوده آهي، جنگ ۾ آيل تازي شدت کان پوءِ غ??ه ۾ بک ،بدحالي ۾ پڻ تمام گهڻو اضافو ٿيو آهي. گڏيل قو??ن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش رپورٽ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي غ??ه ۾ ڏڪار واري صورتحال قبولڻ جوڳي نه آهي. اسرائيل کي گهرجي ته علائقي ۾ امداد جي فراهمي لاءِ سمورا س??حدي رستا کولي.
مضمون کا ماخذ : بونانزا