واشنگٽن – 22 جنوري (اي پي پي) آمريڪا ۾ طوفاني برفباري جهڙين شديد ??وس??ي حالتن سبب فوتگين جو انگ 90 تائين پهچي ويو آهي. بي بي سي مطابق رڳو ٻن رياستن اوريگان ۽ ٽينيسي ۾ 41 فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون جتي شديد برفاني طوفانن کانپوءِ هنگامي حالتون لاڳو ڪيون ويون. برفاني طوفانن بجلي جي فراهمي جي نظام کي شديد متاثر ڪيو آهي ۽ ??لڪ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل آهي. ??وس??يات کاتي مطابق ??لڪ ۾ ٿڌ جي شديد لهر هلندڙ هفتي جي وچ تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي. رپورٽ مطابق اوريگان ۽ ٽينيسي کان علاوه الي نوائي، پنسلوانيا، مسي سيپي، واشنگٽن، ڪينٽڪي ۽ اسڪونسن، نيويارڪ، نيوجرسي ۽ ٻين رياستن ۾ پڻ فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن. اوريگان جي علائقي پورٽ لينڊ ۾ تيز هوائن سبب بجلي جي لائن جي هڪ تار هڪ گاڏي تي وڃي ڪري جنهن ۾ سوار ٽي ڄڻا ڪرنٽ لڳڻ سبب ا??ل جو شڪار ٿي ويا. ان وقعي ۾ گاڏي ۾ سوار هڪ ٻار بچي ويو. ??وس??يات جي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته شديد برفباري کانپوءِ هلندڙ هفتي جي آخر تي گرم هوا ۽ برسات مڊويسٽ ۽ اتر اوڀر آمريڪا جي ڪجهه حصن ۾ ٻوڏ جو سبب بڻجي سگهي ٿي.
آمريڪا ۾ طوفاني برفباري سبب فوتين جو انگ 90 تائين پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : خوش قسمت لڑکی