گڏيل قومون -13 نومبر (اي پي پي) غزه تي اسرائيلي حملن ۾ فوتگين جي تعداد 11 هزار کان ??ڌي وئي ۽ زخمي 27 هزار 490 تائين پهچي چڪا آهن. برطانوي اخبار مطابق غزه جي پٽي ??ي 7 آڪٽوبر کان شروع ڪيل اسرائيلي زميني، سامونڊي ۽ هوائي حملن علائقي ۾ وڏي پيماني تي افراتفري ۽ تباهي پکيڙي آهي. ان حوالي سان گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت رابطا آفيس جي ويب سائيٽ تي جاري ر??ورٽ مطابق غزه تي تازن اسرائيلي حملن ۾ 41 هزار کان ??ڌيڪ گهر تباهه ۽ 2 لک 22 هزار کان ??ڌيڪ کي نقصان ??هتو آهي. هن ??ڌايو ته اسرائيلي حملن دوران غزه ۾ ٿيل فوتگين جو تعداد 11 هزار کان ??ڌي چڪو آهي، جڏهن ته زخمين جو تعداد 27 هزار 490 ٿي چڪو آهي. اسرائيلي حملن ۾ ٿيل فوتگين ۾ 3 هزار 27 عورتون، 4506 ٻار ۽ 678 بزرگ ماڻهو شامل آهن. رپورٽ مطابق 2700 ماڻهن جن ۾ 1500 ٻار شامل آهن ??ن وقت تائين گم آهن. رپورٽ مطابق مجموعي طور تي غزه جي گهٽ م گهٽ 45 سيڪڙو رهائشي يونٽن کي مبينه طور ??ي نقصان ??هتو يا اهي تباهه ٿي ويا. اهي انگ اکر غزه جي اختيارين طرفان ??راهم ڪيا ويا آهن.
غزه تي اسرائيلي حملن ۾ 11 هزار فوتگيون، 41 هزار گهر تباهه ٿي چڪا: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : لاٹری کھیلنے کا طریقہ